اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي ته سبسڊيز جي نظام کي من??م ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان مان ??هر??ل نتيجا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ان حوالي سان عوامي مفادن ۾ فيصلا ڪري ا??هن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪومتي سبسڊيز جي نظام کي من??م ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ??ري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ناڻي وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي ا??انا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ ??ي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.